نئين دهلي-27 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته ڀارت سماجي گروپن ۽ نا??دي?? کي دٻائڻ لاءِ مني ل??نڊرنگ جي عالمي قانونن کي ذريعن طور استعمال ڪري رهيو آهي، فر??نس جي خابرو اداري موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل ان??يا جي چيئرمين آڪر پٽيل مي??يا کي ٻڌايو ته ڀارت مني ل??نڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد تي نظر رکڻ واري عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي سفارشن جو غلط استعمال ڪندي غير منافعي بخش سيڪٽر کي دٻائڻ لاءِ ڊريڪونين قانونن جوڙڻ وڃي رهيو آهي ۽ تنظيمن جي فنڊنگ روڪي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته سماجي تنظيمن ۽ مي??يا جا ادارا وڏي عرصي کان وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت طرفان هراساني جي شڪايت ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به ڀارتيه جنتا پارٽي انهن الزامن جي ترديد ڪندي آئي آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي مقابلي جي آڙ ۾ ڀارتي حڪومت فيٽف جي سفارشن جو فائدو کڻندي نا??دي?? ک?? نشانو بڻايو ۽ انهن جي آواز کي دٻايو. واضح رهي ته ڀارت 39 ملڪن جي تنظيم فيٽف جو 2010ع کان ميمبر آهي، هي تنظيم عالمي سطح تي مني ل??نڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي آهي.
ڀارت اينٽي مني لانڊرنگ قانونن کي ذريعي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي: ايمنسٽي انٽرنيشنل
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ