رياض -20 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن جي مد?? لاءِ شروع ٿيل عوامي امدادي مهم ۾ هاڻي تائين 513 ملين ريالن کان وڌيڪ رق?? گڏ ٿي چڪي آهي. عرب نيوز مطابق خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ عوامي امدادي مهم جاري آهي ۽ هن وقت تائين فلسطيني ڀائرن لاءِ 513 ملين ريال کان وڌيڪ جي رق?? جمع ٿي چڪي آهي. غزه متاثرن لاءِ شروع ڪيل امدادي مهم ۾ سڀ کان پهرين شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان 30 ملين ريالن جي امداد فراهم ڪئي وئي. بعد ?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفنا 20 ملين ريال جمع ڪرايا ويا. مملڪت جي سمورن مسجدن ۾ غزه لاءِ امدادي مهم جي حوالي سان جمع?? نماز جي خطبن ۾ امدادي مهم بابت ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی