باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحولياتي تبديليون رڪارڊ انگ ۾ ماڻه?? کي بي گهر ڪرري رهيون آهن ۽ لڏپلاڻ ??ي پهرين ئي کان ڳڻتي مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. پرڏيهي نشرياتي اداري موجب آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس دوران گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي(يو اين ايڇ س?? آر) ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ ۽ انتهائي موسمي صورتحال لڏپلاڻ ??ي انگ ۽ ٻين حالت?? کي سنگين نموني متاثر ڪري رهي آهي. ادارن انهن خطر?? کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ۽ بهتر سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو آهي. يو اين ايڇ س?? آر تازي رپورٽ ۾ ٻُڌايو ته ڪهڙي طرح سوڊان، صوماليه ۽ ميانمر جهڙين جاين تي موسمياتي صورتحال تڪرارن سان گڏجي پهرين کان خطري ۾ گهيريل ماڻه?? کي وڌيڪ سنگين حالتن ۾ ڌڪي رهي آهي. يو اين ايڇ س?? آر جي سربراهه فلپو گرانڊي چيو آهي ته سوڪهڙي، ٻوڏ، سخت گرمي ۽ ٻيا انتهائي موسمي واقعا خطرناڪ انگن سان هنگامي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پنهنجن گهرن کان لڏپلاڻ ??ي مجبور ماڻهو ان بحران سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. هن انگن اکرن جي حوالي سان ٻُڌايو ته بي گهر ٿيل 75 سيڪڙو ماڻهو اهڙن مل??ن ۾ رهن ٿا جتي آبهوا بابت خطر?? کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. جيئن جيئن ماحولياتي تبديلين جي رفتار ۾ واڌ ٿيندي اهو انگ وڌندو ويندو. يو اين ايڇ س?? آر جي جون جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رڪارڊ 120 ملين ماڻهو پهرين ئي جنگ، تشدد ۽ ظلم سبب بي گهر ٿي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. يو اين ايڇ س?? آر جي موسمياتي ڪارراوئي جي خاص مشير اينڊريو هارپر ٻُڌايو ته عالمي سطح تي تڪرارن سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جو انگ گذريل 10 سالن ۾ ٻيڻو ٿي ويو آهي. يو اين ايڇ س?? آر لڏپلاڻ ??ي نگراني جي مرڪز جي تازن انگن اکرن جي حوالي سان ٻُڌايو ته موسمياتي آفتن نه صرف گذريل ڏهاڪن دوران انهن مل??ن اندر تقريبن 220 ملين ماڻه?? کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي تقريبن 60 هزار روزانو بي گهر ٿيڻ جي برابر آهن. هن لڏپلاڻ ڪندڙ ۽ انهن جي ميزباني ڪندڙ برادري جي مدد لاءِ گهربل فنڊز جي سخت کوٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان آبهوا ۾ تبديلي واري حالت جو شڪار مل??ن نائيجريا، برڪينافاسو، سوڊان، افغانستان ۾ پوکي جوڳي ايراضي جي وڌندڙ نقصا?? کي ڏسي رهيا آهيون پر ان سان گڏوگڏ آباديءَ ۾ وڏي پيمان?? تي واڌ به ٿي آهي. يو اين ايڇ س?? آر چيو ته اها صورتحال وڌيڪ بدتر ٿيڻ جي طرف گامزن آهي. گڏيل قومن جي تنظيم موجب دنيا ۾ اهڙن مل??ن جو انگ انتهائي موسمياتي خطر?? کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، 2040ع تائين 3 مان وڌي 65 ٿي ويندو. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته 2050ع تائين وڌيڪ پناهگيرن جي وسندين ۽ ڪيمپ?? کي اڄ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي خطرناڪ گرمي کي مُنهن ڏيڻو پوندو. يو اين ايڇ س?? آر اجلاس ۾ فيصلن تي زور ڀريو آهي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثر?? کي مُنهن لاءِ وڌ کان وڌ عالمي مالي امداد پناهگيرن ۽ ميزبان برادرين تائين پهچي، جنهن جي کين سخت ضرورت آهي.
ماحولياتي تبديليون عالمي سطح تي لڏپلاڻ ۾ واڌ ڪري رهيون آهن: يو اين ايڇ سي آر
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی