گڏيل قومون-12 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وڏي اڪثريت سان هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو، جنهن ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ??يو آهي. ان قرارداد کي آمريڪا ۽ اسرائيل رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جنرل اسيمبلي ۾ ان قرارداد جي حمايت ۾ 158 جڏهن ته مخالفت ۾ 9 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته 13 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ ترت ۽ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي ۽ سمورن يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط آزادي تي زور ڏنو ويو آهي. ان قرارداد جو متن گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران ويٽو ڪيل متن جهڙو آهي. اُن وقت آمريڪا پنهنجي اتحادي اسرائي?? کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو ??يو جيڪو اهو اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفير رابرٽ ووڊ آمريڪي موقف ورجائيندي چيو ته متن کي قبول ڪرڻ غلط هوندو. ووٽنگ کان اڳ اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊيني ڊينن چيو ته اڄ ??سم??ل?? جي سامهون پيش ڪيل قراردادون منطق کان مٿانهيون آهن، اڄ جو ووٽ همدردي جو ناهي، اهو شراڪتداري لاءِ ووٽ آهي. قرارداد ۾ غزه خاص طور تي ڪڙو چڙهيل اتر وارن علائقن جي شهرين لاءِ وسيع پيماني تي انساني امداد تائين فوري رسائي جو مطالبو ڪيو ??يو آهي. گڏيل قومن جي درجنين ميمبرن ووٽنگ کان اڳ ??سم??لي کي خطاب ڪندي فلسطينين جي حمايت ڪئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مخالفت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن