سانيا (چين) – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ع??ائقي رابطا، آزاداڻي واپار ۽ وسيع تر اقتصادي ترقي کي برداشت ۽ دوستي جي فروغ ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۽ جامع ڪوششن جي ذريعي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن اها ڳالهه چين جي صوبي هينان ۾ ايشيا بابت بائو اقتصادي فورم جي افتتاحي تقريب ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته تازي تازيخ ۾ پاڪ چين لاڳاپن جو ڪو مثال ??ٿو ملي هر لحاظ کان اسان هڪجهڙا ڀائر آه??ون?? اسان جي خطي ۾ اسان جي وڌندڙ دوستي استحڪام جي ع??امت آهي، هن چيو ته پاڪستان وسيع تر رابطن جي ذريعي امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي آغاز لاءِ چين سان حصيداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ اڄ قدم به قدم هڪ بهادر نئون ايشيا جڙي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ”بيلٽ اينڊ روڊ قدم“ جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جا ڏور رس ثمر نڪرندا.
علائقي رابطا، وسيع تر اقتصادي ترقي انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina