اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تح??يڪ انصاف خيبرپختونخوا مان قومي اسيمبلي ميمبر اسد قيصر کي قومي اسيمب??ي جو اسپيڪر نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چوڌري محمد سرور جي پنجاب جي گورنر جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪئي وئي آهي، ان ڳالهه جو فيصلو جمعي ڏينهن هتي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خا?? جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي معاملي تي منعقد اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، پرويزخٽڪ، نعيم الحق، شفقت محمود ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اجلاس کانپوءِ بني گ??لا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عمران خا?? جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ٿيا آهن، هن چيو ته اسد قيصر کي قومي اسيمب??ي جو اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے