اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هجڻ سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بدران مهانگي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي، ا??ٽا?? مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آهي، ڪرن?? اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آهن، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ماحول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل و??رم??گ سان پاڪستان متاثر ٿي سگهي ٿو، ان مسئلي تي ڌي??ن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاواٽ جي منصوبن جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری