اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزيراعظم کي م??تلف عدالتي م??املن، انصاف جي نظام جي حوالي سان جاري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏ??ي. ??زيراعظم عمران خان واٽر ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي م??املي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مختلف عدالتي م??مرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ اي??دڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.
عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش