اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسئيشن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ??لاف مختلف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ان هڪطرفي ميڊيا مهم جي ??لاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مختلف صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي ??هديدارن ملاقات ڪئي. صحافتي تنظيمن جي ??هديدارن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ??اري ۾ مختلف ٽي وي چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سمورين صحافتي تنظيمن ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن واضح ڪيو ته سمورين صحافتي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن چيو ته ماضي ۾ حڪومتون ميڊيا مالڪن کان ب??يڪ ميل ٿينديون رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن ميڊيا ورڪرز جي ??قن جي ??حفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي ??جازت نٿا ڏئي سگهون، تنهن ڪري ان هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي ??لاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني کان ڌار ڪرڻ آهي، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي ??نقلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي ??خبار، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا آهي، هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ??اري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آهن ته سوشل ميڊيا ۽ اخبار ج?? لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي ??بر اخبار ۾ ۽ اخبار ج?? خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽ?? جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آهي، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ميڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن پر ان جي ??اوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آهن، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آهن، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا آهن، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل جي فيڪ نيوز ۽ صحافتن جي ??قن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بل جي ??اقي شقن تي تجويزن جي ??جيان ڪنداسين.
صحافتي تنظيمن جي عهديدارن جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت