اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگر??ني ڪئي پئي وڃي، ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزيراعظم طو?? منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آه??، افغانستان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آه??. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آه??، اسان جي دعا آه?? ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انس??ني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانستان آيو هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وزيراعظم چيو ته افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ امڪان آه?? ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگهي ٿو، اسان ??ها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي ??ها تاريخ رهي آه?? ته ان کي ڪڏهن به ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪندي آه??، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته اهو سوچڻ غلطي آه?? ته ٻاهران ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي سگهي ٿو، افغان عورتون طاقتور آه?? ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انهن ۾ حق??ني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پ??ڪستان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حق??ني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته اهو ڇا آه??، حق??ني افغانستان جو پ??تون قبيلو آه??، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آه?? جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو ج??ني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ڪري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وزيراعظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگر??ني ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزويراعظم طو?? منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آه??.
اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج