اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??ورپي يونين سان ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه ??ن پاڪستان ??ورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي،
ملاقات دوران ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه ??حمود قريشي چيو ته يورپي ملڪن ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪو ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پرويز اقبال لوسر پرڏيهي وزير کي پاڪ اي يو فرينڊشپ فيڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ??فيد بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير يورپي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ??ورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي خدمتن کي ساراهيو. منهنجي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ??فيد ملاقاتون ٿيون،
مخدوم شاهه ??حمود قريشي چيو ته مون يورپي يونين جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي افغانستان جي موجوده صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خدمتن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌ?? ڊوزيئر پيش ڪيا. شاهه ??حمود قريشي چيو ته پاڪستان ??ورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيدري لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ??ورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان ??وقعي تي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ??يندڙ ملاقاتن کي ساراهيو.