اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني س??است ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصرو?? آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منه?? سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن ??ي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل الرحمان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، فضل الرحمان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي اليڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل الرحمان آهي. وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي س??است ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.
فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کڑک