لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ابوالحس?? الشاذلي ريسرچ سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر جي عمارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو جتي صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي وي??دي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار، پنجاب حڪومت جو ترجمان حسان خاور، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيس ڊاڪٽر اصغر زيدي به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته صوفي، اوليا اڪرام ۽ عاشقان رسول ﷺ جي تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، نوجوانن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ انهن جي نقش قدم تي هلڻو پوندو، ابوالحس?? الشاذلي ريسرچ سينٽر نوجوانن جي زندگين ۾ انقلاب آڻيندو. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اصغر زيدي وزيراعظم کي ريسرچ سينٽر بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 14 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر ۾ صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي وي??دي. اداري جي مقصدن ۾ معاشري جي اصلاح، گڏيل برداشت، احترام، صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق کي وڌائڻ، مقامي ۽ عالمي محققين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ان شعبي ۾ تحقيق لاءِ تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ سينٽر موجوده شعبن جهڙوڪ تاريخ، اسلامي تعليمات، پوليٽيڪل سائنس، ادب وغيره ۾ صوفي ازم جي حوالي سان تحقيق ۽ تدريس کي به فروغ ڏيندو. سينٽر ۾ صوفي ازم تي بي ايس ۽ ايم فل جي سطح جي ڪورسن جي تعليم ڏني پئي وڃي. ان کانسواءِ سينٽر پوسٽ ڊاڪٽرل ۽ ريسرچ فيلوشپ به ڏيندو وڌيڪ اهو ته سينٽر پي ايڇ ڊي لاءِ وظيفا به فراهم ڪندو جنهن جي ڪري صوفي ازم جي شعبي تي تحقيق ٿي??دي.
وزيراعظم پاران گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي لاءِ ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا