اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي ??ئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي ??روگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يونيسيف جي ??چ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي ??ائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪر?? جي ??اءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پاڪستان جي ??وس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي ??روغ ۽ تحفظ جي ??اءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي ??روگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪر?? ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي ??رگ??مين ۾ مدد جي ??اءِ پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي ??نگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي ??رضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يونيسيف جي ڪم ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پاڪستان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina