اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل جي وچ ۾ ٽ??ليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير يوڪرين جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ياد ڪرائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تازي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفارتڪاري سان ئي فوجي تڪرار کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي اثرن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم عمران خان سفارتي حل جي اهميت تي ز??ر ڏيندو رهيو آهي. پرڏيهي وزير تازن واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته پاڪستان مس??سل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، پائيدار ڳالهين ۽ مس??سل سفارتڪاري جي ضرورت تي ز??ر ڏنو آهي. پرڏيهي وزير لاڳاپيل گهڻ رخي معاهدن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب معاملي جي حل جي اهميت تي ز??ر ڏنو. جوزف بوريل صورتحال تي پنهنجو موقف پ??ش ڪيو ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي اجاگر ڪيو. هن سفارتي حل ڳولڻ جي لاءِ مس??سل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي بوريل ٻطرفا رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر جوزف بوريل ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان