اسلام آ??اد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آ??اد جي جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منصوبي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو وي?? آهي. وزيراعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪي?? آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلام آ??اد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. وزيراعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ گهرندي اسلام آ??اد ماڊل جيل ڪامپليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلام آ??اد جيل جي تعمير فنڊ نه ه??ڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ??ڃي. واضح رهي ته اسلام آ??اد جي ڪامپليڪس کي دنيا جي جديد جيلن تحت تعمير ڪيو پيو ??ڃي. اسلام آ??اد جي پنهنجي جيل نه ه??ڻ سبب قيدين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو ??ڃي. اسلام آ??اد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ان جيل ۾ 2000 قيدين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپليڪس جو حص?? آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حص?? آهي.
وزيراعظم اسلام آباد جي جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس ورتو، جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب