نوشهره – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي ل??ءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري، ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي ل??ءِ ??رو??ي قدم کنيا وڃن، پوري قوم دل کولي متاثرين جي امداد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشهره ٻوڏ متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي مردان پل تي ضلعي عملدارن پاران ٻوڏ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوشهره جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب اٽڪل هڪ لک 50 هزار ماڻه?? متاثر ٿيا، ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ 100 امدادي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪئمپن ۾ 25 هزار جي لڳ ڀڳ متاثرين موجود آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ امدادي رقم ٻيڻي ڪري ??ڏي آهي، ٻوڏ جي وقت سر اطلاع جي ڪري آبادي کي وقت سر محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو، حفاظتي بند پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ٻوڏ ريلو برداشت ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي ل??ءِ صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري. ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي ل??ءِ ??رو??ي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پوري قوم دل کولي متاثرين جي امداد ڪري. پاڪستاني قوم سدائين مشڪل و??ت ۾ پنهنجي ڀائرن جي دادرسيءَ ڪئي آهي. فوجي ۽ سول ادارن ۽ فلاحي تنظيمن ٻوڏ متاثرين جي امداد جي ل??ءِ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا