اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي ??مداد لاءِ اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قيامت صغريءِ جو منظر آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، متاثرين جي لاءِ کربين رپين جي ??رورت آهي، قوم مصيبت ۾ ور??ل ڀائرن ??ي مدد جي لاءِ دل کولي عطيو ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ امداد جي ??پيل ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ برساتن جو 30 سال جو رڪارڊ ٽٽڻ سان خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي. سوين پاڪستاني ٻوڏ جي ??ي رحم موجن جي ور چڙهي پنهنجي پٺيان جدائي جو ڏک ڇڏي ويا آهن. سوين زخمين جي ??حتيابي جي ??عا ڪريون ٿا. تمام وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر آهن، چوپائي مال، فصلن، باغيچن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. صوبائي حڪومتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀر??ور تعاون سان اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. مجموعي طور تي 27 ارب رپيا ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڏنا پيا وڃن. مون فوري طور تي 5 ارب رپين جي ??قم اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرائي آهي ته جيئن ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن ۾ تيزي اچي. هر فوت ٿيندڙ جي ??اندان کي 10 لک، زخمين، گهرن ??ي ڪري پوڻ ۽ ٻين نقصانن ??ي زرتلافي کانسواءِ متاثرين کي 25 هزار رپيا روڪ ادائيگي وڏي پئماني تي جاري آهي جنهن جي لاءِ 80 ارب رپين کان وڌيڪ گهربل آهن. کربين رپين جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ متاثرين جي ??حالي لاءِ کربين رپين جي ??رورت آهي. اهي سمورا قدم اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان محنت ۽ ديانتداري جذبي سان سرانجام ڏئي رهيا آهيون. رستا ۽ پليون وهي وڃڻ سان زميني رابطو ڪٽجڻ تي هيليڪاپٽرن کان مدد ور??ي پئي وڃي. اهل وطن جي مدد جي ڪوششن دوران پاڪ آرمي جي ??ڦيسرن ??هادت ماڻي قرباني جي ??ظيم جذبي جو روشن مثال قائم ڪيو آهي. 2005ع جي قيامت خيز زلزلي ۽ 2010ع جي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي به عوام ۽ ادارا مصيبت ۾ ور??ل پاڪستانين جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جي ??هڙي ئي عظيم جذبي سان دنيا ۾ مثال بڻجي ويا هئا. پوري قوم اڳتي وڌي هٿ ونڊرائي ته اسان وڌيڪ تيز رفتار سان متاثرين جي ??لد امداد ۽ بحالي ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ايثار ۽ قرباني ۾ اسان جي قوم دنيا ۾ سڀ کان اڳتي آهي. آئون توهان کي تعاون جي ??رخواست ڪريان ٿو. آقا ڪريم ﷺ کان وڌيڪ اسان جي لاءِ ڪو مثال نه ٿو ٿي سگهي جن جي محبت ۾ انصار مصيبت ۾ ور??ل ڀائرن ??ا ڏک ورهايا هئا. ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ قائم فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائين. اچو! مصيبت ۾ ور??ل ڀائرن جي ??نصار مدينه وانگر مدد ڪريون ته جيئن محشر جي مشڪل گهڙيءَ ۾ الله تعاليٰ اسان تي رحم فرمائي.
متاثرين جي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي، قوم مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي مدد لاءِ دل کولي عطيو ڪري: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم