نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ??يلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??دو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا ??ي چانسلرن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل ??هي. وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ڪ??دو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪ??دو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ڪ??دو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪ??دو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سان ملاقات ڪ??دو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم سان ملاقاتون به وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا ??ي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ڪ??دو. وزيراعظم عالمي ميڊيا ??ان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 23 سيپٽم??ر ??ي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خ??اب ڪندو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات