اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ فو?? جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳاله?? ٻولهه ڪندي ڪيو. هن ش??يدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، ??پاهي نسيم شهيد ۽ محمد زمان ش??يد جي پونئيرن سان ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثاقب الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر قوم پاران ش??يدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔