اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ هيٺان دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀا??ين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽيءَ جي ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀا??ين جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن هر فوت ٿيندڙ ٻار جي گهرڀا??ين جي لاءِ 10 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان زخمي ٿيندڙ شخص کي به وزيراعظم پاران مالي امداد ??ني ويندي. وزيراعظم مالي امداد جو اعلان پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انجنيئر امير مقام جي درخواست تي ڪيو. انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خط لکي مارتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف انجنيئر امير مقام کي متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
وزيراعظم پاران مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ هيٺان دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر