پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ هنگو دهشتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراع??م هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي سان تعلق رکندڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وزيراعظم حوصلا افزائي طور عمر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر حفاظت ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران بهادر پوليس سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش، 5 لک جو انعام ڏنو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو