اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪندي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي فلسطيني شهرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي شديد ڳڻتي آهي جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان ??روشلم سميت سمورن والاريل عرب علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا سان گڏوگڏ فلسطينين جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو حامي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف جي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صد?? ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو. اردن جي نامزد سفير ڊاڪٽر مين اي ايم خرياسات، هولي سي جي نامزد سفير آرچ بشپ جرمنو پينيموٽ اپوسٽولڪ نونسيو، جمهوريه چيڪ جي نامزد سفير لاڊيسيلا وسٽين هوبل، برونائي دارالسلام جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڪرنل (ر) پنگيرن حاجي ڪمال باشا ۽ پاڪستان ۾ قطر جي نامزد سفير علي مبارڪ الخاطر صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي صد?? چيو ته پاڪستان ??لسطين جي صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ۽ فلسطيني عوام جي ناقابل تنسيخ حقن جي بحالي چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ??لسطين ڪاز جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن عرب اسرائيل تڪرارن جو ٺوس حل چاهي ٿو. صد?? چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ??ڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آهي، جنهن پاڪستان جي آءِ ٽي، ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي آهي. صد?? ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي پڻ اجاگر ڪيو. صد?? سفيرن کي انهن جي نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ??نهنجي پنهنجي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
صدر پاران بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں