اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي وفاقي ??حتسب پاران اي?? اي سي کي ڊگري جي تصديق جي حڪمن کي برقرار رکندي شاگردياڻي جي ڊگري جي تصديق کان انڪار تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر شاگردياڻي جو وقت ضايع ڪرڻ جي ذميوارن جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي وڃي. سويرا آفريدي (شڪايت ڪندڙ) پنهنجي بي اي ۽ ڊي ايم سي جي ڊگري جي تصديق جي لاءِ اي?? اي سي کي درخواست ڏني هئي پر کيس ٻڌايو ويو ته جيئن ته سندس ڊگري جو سيشن 2020ع هو، ان لاءِ ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته اي?? اي سي ٻه سالا روايتي طريقيڪار کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو هو. تعليمي سال 2019ع کانپوءِ شاگردن کي روايتي بي اي ۽ بي ايس جي داخلا ڏيڻ جي اجازت نه هئي. جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي ??حتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ اي?? اي سي وفاقي ??حتسب ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. بعد ۾ اي?? اي سي صدر وٽ محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ اي?? اي سي جي نمائندگي کي رد ڪري ڇڏيو. هن مشاهدو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ کي پشاور يونيورسٽي سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني هئي ۽ شڪايت ڪندڙ 01.09.2022 تي يونيورسٽي جو هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته شڪايت ڪندڙ جو بي اي جي ڊگري جي لاءِ سيشن 2019 – 2020ع هو. جيئن ته شڪايت ڪندڙ کي يونيورسٽي پاران سيشن 2019 – 2020ع جي لاءِ داخلا ڏني وئي هئي، ان جي لاءِ شڪايت ڪندڙ جو ڪو قصور نه هو ۽ ان کي يونيورسٽي جي غلطي جو نقصان نه کڻڻ گهرجي. يونيورسٽي ان شاگردياڻي کي رجسٽريشن جي اجازت ڏئي اي?? اي سي جي پاليسي جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن چيو ته وفاقي ??حتسب صحيح مشاهدو ڪيو آهي ته هڪ ريگيوليٽر جي طور تي اها اي?? اي سي جي ذميواري آهي ته اها اهو ڏسي ته ڇا ان جي فيصلن تي يونيورسٽيون عملدرآمد ڪري رهيون آهن يا نه جيڪو اي?? اي سي پاران پنهنجي قانوني ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي. صدر چيو ته اي?? اي سي يا يونيورسٽي جي عدم فعاليت سان شاگردن کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اي?? اي سي يونيورسٽي جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران شڪايت ڪندڙ کي بنا ڪنهن غلطي جي غيرضروري آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اها ان جي ڊگري جي تصدق نه ڪري رهي هئي. تنهن ڪري صدر اي?? اي سي جي نمائندگي کي ان مشآهدي سان گڏ رد ڪري ڇڏيو ته اي?? اي سي کي انهن يونيورسٽين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جي رهنما اصولن يا هدايتن تي عمل نه ڪري رهيون آهن ته جيئن مستق??ل ۾ شاگردن کي ان جي عدم فعاليت جي ڪري نقصان نه کڻڻو پوي. صدر اها هدايت اي?? اي سي پاران 7 ڏينهن جي اندر شاگرد جي بي اي جي ڊگري جي ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت جي وفاقي ??حتسب جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران وفاقي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگري جي تصديق جو حڪم برقرار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی