لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري ??ان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿو، ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ??ندي. هو بزنس ف??سي??ي ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري ??ان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بزنس ??مي??نٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بزنس ف??سي??ي ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموريون سهولتون ميسر هونديون، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ??ندي. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن ??ان روزگار جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بزنس ف??سي??ي ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪاروبار جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي حڪومت پاران ڪاروباري شعبي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سهولت فراهم ??رڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪاروبار جي فروغ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.
حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔