اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي ??وڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي ??ان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿي?? جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي ??ان قدمن ??ي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ن??ران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي ??ان ٽريڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي ??ان فوري طور تي حڪمت عملي ??وڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري بلوچستان کي چاغي ضلعي جي سموري انتظامي مشينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائقن تي ن??راني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن ??ارڊر تي ڪسٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي ??ان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پاران جاچ تي جاري اڳڀرائي تي ن??ران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ڪميٽي کي پوري ايمانداري سان پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن ??ان ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽريڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري ن??ران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري ن??ران وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون