اسلام آب??د – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران و??يراعظم چيو ??ه ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ انهن سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ??رڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگران و??يراعظم چيو ??ه هي اهم موقعو نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مضبوطي پر پاڪستاني عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو پڻ ثبوت آهي. هن چيو ??ه پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري عمل جو سنگ بنياد رهيو ??هي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئون اسان جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي عزم جو واضح اشارو آهي. هن چيو ??ه ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سان اسان جي جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ ان جي لاءِ پاڪستاني عوام تحسين مستحق آهي. نگران و??يراعظم چيو ??ه خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ??رڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سان انهن جي اڻٿڪ وابستگي چونڊون پرامن منعقد ??رڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. نگران و??يراعظم چيو ??ه پاڪستاني عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو ??هي، دهشتگردي جي تازون و??قعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ۾ انهن جي شرڪت اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرم قوتن جي خلاف هڪ طاق??ور بيان آهي. هن چيو ??ه هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگران و??يراعظم چيو ??ه هڪ ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.
عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪُون هُجن، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں