اسلام آباد -11 جون (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿ??رٽي (پيمرا) جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 6 سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 اي?? اي?? لائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا، مارچ 2024ع تائين جاري ڪيل سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جو انگ 140، اي?? اي?? لائسنس جو انگ 239 ۽ ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي 24-2023ع موجب پيمرا طرفان جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين هڪ نيوز اي??ڊ ڪرنٽ افيئرز جو سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جاري ڪيو ويو، اهڙي طرح ٻه لائسنس انٽرٽينمينٽ جي ڪيٽيگري ۾، هڪ علائقائي ٻولي ۽ هڪ تعليمي چئنل ۽ هڪ نان ڪمرشل تعليمي چئنل جي ڪيٽيگري ۾ جاري ڪيا ويا. مارچ 2024ع تائين ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ هڪ اي?? اي?? چئنل جو لائسنس جاري ڪيو جنهن کانپوءِ اي?? اي?? ريڊيو لائسنس جو انگ 239 ٿي ويو. پيمرا جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين مجموعي طور تي 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا جن کانپوءِ مارچ 2024ع مجموعي طور تي جاري ٿيل ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. اهڙي طرح مارچ 2024ع مجموعي طور موبائيل ٽي وي جا 4، انٽرنيٽ پروٽوڪول جا 26، ڊائريڪٽ ٽو هوم (ڊي ٽي ايڇ) جو هڪ، ٽيلي پورٽ جو هڪ ۽ ٽيلي ويزن ريٽنگ پوائنٽ ڪمپنيز کي 3 لائسنس جاري ڪيا. پيمرا جي آمدني جو بنيادي ذريعو لائسنس جاري ڪرڻ وقت لائسنس وٺندڙن کان ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي ۽ ان جي تجديد ۽ فيس يا ڏنڊ جي وصولي تي ٻڌل آهي. مالي سال 24-2023ع ۾ جولاءِ کان مارچ دوران پيمرا مالي سال 2023ع ۾ 19 لک 63 هزار روپين جي ڀيٽ ۾ 27 لک 50 هزار روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جيڪي 40 سيڪڙو اضافي کي ظاهر ڪري ٿو.
پيمرا جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين 6 سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 ايف ايم لائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil