اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب هن پاڪستان – ??و اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ج?? خلاف (افغان شهرين پا??ان) تازا حملا ۽ پرتشدد مظاهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن جي پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پا??ان پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمشنر جي جولاءِ جي شرو?? ۾ ??اڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – ??و اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ افغان پناهگيرن جي مسئلي جو پا??يدار حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس