اسلام آب??د- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عا??مي مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي ??نه?? ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير ??وشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عا??م پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پاڪستان جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي ??نه?? ڏيڻو پوندو.هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز صادق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز صادق جي جاپان لاءِ خير ??گالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena