اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو آهي ته اسان جي نئين نسل پاڪستاني ثقافت ۽ ان جي خوبصورتي کان چڱي ريت آگاهه آهي، اسان هڪ باصلاحيت قوم جي حيثيت سان هر ميدان ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪنداسين. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ ??ف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نمائش ۾ شامل شاگردن جي تيار ڪيل تصويرن ۽ پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پاران ان فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش ۾ شرڪت نئين نسل جو پنهنجي ملڪ سان وابستگي جو اظهار آهي. انهن تصويرن ۽ پينٽنگز ۾ ملڪ ۽ قوم جي ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن خاص طور تي ش??گردن جي محنت ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت هر سال آزادي جي ڏهاڙي جي مو??عي تي اهڙي طرح جا پروگرام منعقد ڪندي آهي. هن 14 آگسٽ جي مو??عي تي ان شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي ش??گردن، استادن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت کي مبارڪباد ڏني. عنبرين جان ملڪ جي آزادي جي لاءِ بزرگن جي قربانين تي پڻ روشني وڌي. ڊائريڪٽوريٽ ??ف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش ۾ ڪوڪنگ، موسيقي، تاريخي عمارتن، لباس ۽ تصويرن سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ثقافت کي پيش ڪيو ويو. نمائش ۾ مختلف يونيورسٽين جي ش??گردن پاران ملڪ جي مختلف ثقافتي سرگرمين جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگز پڻ پيش ڪيون ويون. اهڙي طرح فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ ??ف ايجوڪيشن جي اسڪولز جي ش??گردن جي ٺاهيل پينٽنگز کي پڻ نمائش ۾ رکيو ويو. نمائش ۾ پاڪستان جي خوبصورت منظرن، ڍنڍن ۽ تاريخي عمارتن جون تصويرون ڏيکاريون ويون جن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪن??ڙن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو. نمائش جي ش??ڪت ڪن??ڙن يونيورسٽي جي ش??گردن پاران ملڪ جي ثقافت کي ش??ندار پينٽنگز جي ذريعي پيش ڪرڻ تي ساراهيو. ان مو??عي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ش??گردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.
اسان جي نئين نسل پاڪستاني ثقافت ۽ ان جي خوبصورتي کان چڱي ريت آگاهه آهي: اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز