اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي ??هر?? وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان بر??فن?? ڏني وئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. صدر دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena