نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ار??لا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ار??لا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي م??ار??باد ڏني ۽ يورپي يونين جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سندس ڪو??شن کي ساراهيو. جي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ۽ يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.
پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa