اسل??م آباد – 10 ڊسمبر(اي پي پي) ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ موٽروي ايم 2 اسل??م آباد کان ڪوٽ مومن تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کلي ويو آهي. موٽروي پوليس جي ترجمان مطابق موٽروي بند ڪرڻ جو مقصد حادثن ک??ن بچڻ ۽ موٽروي استعمال ڪندڙن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. شه??ين کي درخواست آهي ته ڪوهيڙي وقت غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پنهنجو سفر ڏينهن جي روشني ۾ مڪمل ڪري ڪوهيڙي جي شروعات کان اڳ پنهنجي منزل تائين پهچي وڃن. هن چيو ته گاڏين ۾ فوگ لائيٽس جو استعمال ڪن. تيز رفتاري کان پاسو ڪن ۽ اڳين گاڏي کان مناسب فاصلو معمول کان وڌيڪ رکن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي پوليس هيلپ لائين 130 ۽ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ تازي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش