گڏيل قومون -24 جولاءِ (اي پي پي ) گڏيل قومن چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني ڌڙن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ جي ٺاهه جي آجيان ڪئي آهي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ نيوز بريفن?? دوران ٻڌايو ته چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني تنظيمن وچ ۾ معاهدو سٺو سنئوڻ آهي، ان جو مقصد غزه ۾ جاري ??نگ جي پس منظر ۾ گڏيل اختلافن کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل فلسطيني ڌڙن پاران بي??نگ پڌرنامي تي صحيحون ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي، اهو فلسطيني اتحاد کي اڳيان وڌائڻ طرف اهم قدم آهي. اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل سمورا ڌڙا ڳالهين ذريعي پنهنجن اختلافن تي ضابطو ڪرڻ جي ترغيب ڏين. مٿن زور ڀريندي چيو آهي ته هو بي??نگ ۾ ڪيل واعدن ۽ ان اعلان تي عمل ڪن جنهن تي هنن صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته فلسطيني اتحاد امن، سلامتي، فلسطيني عوام جي خوداراديت مڪمل طور تي آزاد، جمهوري، قابل عمل ۽ خودم??تي??ر فلسطيني رياست جي قيام جي امنگن کي اڳتي وڌائن لاءِ اهم قدم آهي. انتو نيوگوتريس چين پاران ڪيل سفارتي ڪوششن سميت ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ شامل ٻين ملڪن جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. هن چيو ته گڏيل قومن 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ۽ اسرائيل – فلسطين تڪرار جي جامع ۽ ٻه رياستي حل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي ٺهرائن موجب بيت المقدس ٻن??ي رياستن جو گادي وارو هنڌ هوندو. ترجمان موجب اسرائيل هاڻي تائين خبردار ڪيو آهي ته هو غزه جو ڪنٽرول نه ڇڏيندو ۽ نه ئي موجوده فلسطيني اٿارٽي کي اتي جا حڪمران بڻجڻ ڏيندو. واضح رهي ته بي??نگ ڊڪلريشن جي نالي سان نئين معاهدي ۾ 14 مختلف فلسطيني گروپ شامل آهن.
چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني ڌڙن وچ ۾ ٺاهه جي آجيان ڪيون ٿا: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا