بيروت _23 سيپٽمبر (اي پي پي ) لبنان جي وزيراعظم چيو آهي ته هو اسرائيل سان جنگ کي روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ر??يو آهي ۽ سمورن محاذن تي جنگبندي جي حمايت ڪريون ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چيو ته سندس حڪومت لبنان جي ڌرتي تي رياستي اختيار کي وڌائڻ چاهي ٿي. هن غزه ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته هو سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو. هن زور ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان هڪ وسيع علائقائي جنگ جي خدشن واري تڪرار جو پرامن س??ارتي حل ڳولي ر??يو آهي. هن ان اميد ظاهر ڪئي ته معاملا وڌيڪ خراب نه ٿيندا. هن چيو ته پيجر ڌماڪن سبب زخمي ٿيل 1600 کان وڌيڪ ماڻهو اڃان به اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي اسرائيل جي فوج جي چيف آف اسٽاف هرزي هيليوي هڪ پريس ??انفرنس ۾ حزب الله تي وڌيڪ حملا ڪرڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته فوج وٽ اهڙيون صلاحيتون آهن جيڪي اڃان تائين استعمال ناهن ڪيون و??ون. هن واضح ڪيو ته اسرائيل جي فوج هر قسم جي حملي ۽ دفاع جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڀرپور ??موني تيار آهي.
سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪريُون ٿا: لبنان جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب