اسلام آب??د ?? 10 جولاءِ (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ قتلام جي ??ان?? آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳواڻ ۽ اميدوار قانونساز اسيمبلي چوڌري محمد عزيز جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ۽ وڏي انگ ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جا ڪارڪن پڻ ساڻس گڏ هئا. اط??اعات واري وزير چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان سري نگر ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي شهرين تي گوليون هلائي رهي آهي ۽ انساني حقن جي س??ت خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ان??ن واقعن جي س??ت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي س??ح تي ان??ن واقعن کي کڻندو. انساني حقن جون تنظيمون ان??ن واقعن جو نوٽيس وٺن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ظالم کي ظلم کان روڪين. هن چيو ته ان??ن واقعن ۾ اٽڪل 20 ڪشميري حريت شهيد جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هو ان??ن واقعن جو فوري نوٽيس وٺي. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ قتلام جي ??ان?? آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي.
قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هدايت تي کيڏي پئي وڃي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : números dupla sena