اسلام آبا?? – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته انتظامي ادارا بنا ڪنهن فرق جي ?? بنيادي فرض سمجهي بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ قدم کڻن ته ملڪ کي تمام جلد ان لعنت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، اسان کي الله تعاليٰ جي خوشنودي ۽ جهاد سمجهي بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پوري قوم رضاڪاراڻو ڪردار ادا ڪري ۽ معاشري ۾ اهڙين ڪارين رڍن جي نشاندهي ڪري جيڪي اهڙين سرگرمين ۾ ملوث هن. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری