اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ ۽ صارفين کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان منصوبابندي کي وڌ??ڪ جامع بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جي طرفان گئس جي گهرج جي حوالي سان ڪاٿو لڳ??ئڻ ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪمپريسرز جي حوالي سان معلومات لڪائي رکڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻنهي ادارن جي مينيجنگ ڊائريڪٽرز جي خلاف فوري انڪوائري جو حڪم ڏيندي پيٽروليم واري وزير کي اها ڪارروائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهي حڪم ملڪ ۾ گئس جي فراهمي جي سلسلي ۾ پيد?? ٿيندڙ بحران جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ??نا.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ