اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي چيو آهي ته مفتي عبدالرئوف ۽ حماد اظهر سميت ڪالعدم تنظيمن جي 44 انڊر آبزرويشن ڪارڪنن کي جاچ جي لاءِ حفاظتي تحويل ۾ وٺ?? ڇڏيو آهي. گهرو سيڪريٽري ميجر رٽائرڊ اعظم سليمان خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت اهي قدم کنيا ويا آهن. گرفتار ماڻهن کان جاچ ڪئي و??ند??. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪارروايون جاري ??هنديون ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ نيپ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو و??ند??.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت