اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرونا و??ئرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر ج?? عالم سڳورن سان مشاورت کان??وء?? جمعي ??ماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ گوادر ج?? سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏامن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحران جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر ج?? منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچن جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سر??اري ملازمن جي پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون پاڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، هايئر ايجوڪيشن، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بجيٽ ۾ سر??اري ملازمن جي زخمن تي مرهم رکنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کان??وء?? وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.
وفاقي ڪابينا ۾ ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa