اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر ا??ام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چانور، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن جي پيداوار ۾ متوقع اضافي ج?? حوالي سان آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس لائيو اس??اڪ ۽ ماهيگيري ج?? شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لائيو اس??اڪ جي جديد طريقي سان افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي ج?? لاءِ تحقيقي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.
پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں