اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ????اق?? ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪار آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري بيان ??جب حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم و??اق?? ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 39 و??اق?? ڊويزنز ۾ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي هداي تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلسلي ۾ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته سهولتڪار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهولتڪار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آ??ي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ و??اق?? ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان ??دم جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان ??دم سان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.
وزيراعظم پاران وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania