اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اف??ان??تان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، اف??ان??تان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ اف??ان??تان سان وس??ع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اف??ان??تان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد اف??ان??تان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃن ۽ سمورا ضروري وس??لا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ اف??ان??تان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪانن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان اف??ان??تان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان اف??ان??تان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ اف??ان??تان سان وس??ع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف اف??ان??تان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي افغان عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف ج??رل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil