ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ??ڏي??داسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي انصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪواليفڪيشن کانسواءِ ڪانٽريڪٽرز جي چونڊ ڪئي وئي آهي ته پري ڪواليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي س??ن اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪم ڪن، انهن کي صلاحيت جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام گهڻا گلا شڪوا ٿيندا آهن پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي خوشين ۾ بدلائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته خ??دار ڪچلاڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي تيزي س??ن مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي انصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ??ڏي??داسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچائي س??ن ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي س??ن ڪيو ويندو، ڪوتاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدلائي ??ڏي??داسين.
بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں