سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ڪشمير??ن جي عزم کي ورجايو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشمير??ن جي امنگن موجب حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حري?? ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪشمير??ن جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ڪشميري عوام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ڊي??وڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري ره??و آهي، سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشمير??ن جي جدوجهد ۾ سيد علي گيلاني جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، ڪشمير ڪاز جي لاءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ڪشمير جي تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، سيد علي گيلاني هڪ ارڏو اڳواڻ هو جنهن ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي آواز ڪشمير??ن جو آواز بڻيو ۽ پنهنجي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حري?? ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سيد منظور احمد شاهه، سيد اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو آهي ته سيد علي گيلاني عزم ۽ حوصلي جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي علامت هو، سيد علي گيلاني هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو نالو آهي، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي انهن مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي حوصلو بخشنديون ره??ديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آهي، سيد علي گيلاني جو مشن ۽ نظريو زندهه آهي ۽ زندهه ره??دو.
غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن پاران قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ