گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهه ڪُن ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اتڪل 80 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو علائقو بدستور پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏ??ل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏ??ل بيان مطابق پاڪستان جي قدرتي آفت سبب متاثر علائقن ۾ جتي امدادي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تا??ين پهچڻ به ڏُکيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ سنڌ جتي هاڻي تا??ين علائقا پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل آهن. گڏ??ل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، تقريبن 80 لک بي گهر ۽ 1500 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جن ۾ 552 ٻار به شامل آهن. گڏ??ل قومن جي ادارن مقامي اختيارين سان گڏجي امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو آهي، جڏهن ته ماڻهن لاءِ مناسب مقدار ۾ خوراڪ، پناهگاهه ۽ صحت جون ضروري سهولتون دستياب ناهن. گڏ??ل قومن جي ٻارن جي حوالي سان اداري (يونيسيف) جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي ويون آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ دماغي مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به دستياب ناهن. ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ پائڻ لاءِ لباس تا??ين ناهي، پناهگيرن جي حوالي سان گڏ??ل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي ايشيا پيسفڪ لاءِ ترجمان بابر بلوچ مطابق پاڪستان ۾ 7.6 ملين ماڻهو ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، جن ۾ اٽڪل 6 لک امدادي هنڌن تي ترسيل آهن. اسان جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1.2 ملين امدادي شيون مقامي اختيارين تا??ين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جنهن مان 10 لک فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي حصا خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان جا علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي سُڪڻ ۾ 6 مهينن جو عرصو لڳي سگهي ٿو. بابر بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ 1.3 ملين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ماڻهو متاثر، 1500 فوت، 80 لک بي گهر ۽ ماڻهن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ کين پائڻ لاءِ لباس ناهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار