اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ انساني حقن واري وزارت جي تعاون سان کدڙن فقير?? جي لاءِ شڪايت داخل ڪرائڻ جو مرڪزي مئنيجمينٽ سسٽم لانچ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو نظام کدڙا فقير شهرين کي سهولت?? جي فراهمي جي حوالي سان وزيراعظم جي انيشي ايٽو تحت متعارف ڪرايو ويو آهي. کدڙا فقير ڪميونٽي پاڪستا?? جي سڀ کان پٺتي پيل ڪميونٽيز مان هڪ آهي، جن کي اڪثر انه?? جي خاندانن ۽ معاشري پاران رد ڪيو وڃي ٿو. انهن کي جسماني ۽ ذهني طور تي تمام وڌيڪ امتيازي سلوڪ ۽ تشدد درپيش آهي. کدڙن فقيرن کي سوشل ميڊيا تي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي تشدد ۽ حملن جا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا جڏهن ته پوليس کي ا?? جي اطلاع گهٽ ئي ملي ٿي. گذريل 5 مهينن ۾ کدڙن فقير?? جي قتل جي واقعن ۾ به اضافو ڏٺو ويو آهي. اهم مسئلو اهو آهي ته انهن وٽ اهڙا خاندان نه آه?? جيڪي انهن کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن، ا?? جي لاءِ انهن سان بدسلوڪي ۽ حادثا ناقابل ڌيان ۽ لڪل رهجي وڃن ٿا. کدڙا فقير شهري?? جي شڪايت?? جي انتظام جو نظام شڪايت جي ازالي جي عمل کي هموار ۽ مرڪزي بڻائڻ ۾ اڳڀرائي آهي. اهو نظام انساني حق?? جي وفاقي وزارت ۽ لاڳاپيل اي آئي جي آفيس کي سڄي ملڪ ۾ کدڙن فقير?? جي سوالن ۽ شڪايتن جو فوري ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قابل بڻائيندو. ٽرانس جينڊر ??مپ??ينٽ مئنيجمينٽ پورٽل web.citizenportal.gov.pk تي لائيو آهي جتي کدڙا فقير شهري ڪنهن به مسئلي بابت سڌوسنئون پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ شڪايت?? جي داخلا لاءِ 1099 تي ڪال به ڪري سگهن ٿا. لاڳاپيل اي آئي جي آفيس جي ذريعي شڪايت تي 24 ڪلاڪ?? جي اندر ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان جو ازالو ڪيو ويندو. انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده کدڙن فقير?? جي شڪايت?? جي انتظام جي نظام جو افتتاح ڪندي چيو ته اسان جو ڌيان خدمت?? جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ اڳ کان موجود انتظامن کي بهتر بڻائڻ تي آهي جن ۾ ٽريڪنگ، درجابندي، نگراني ۽ ريسپانس جي لاءِ مناسب مڪينزم جي فراهمي شامل آهي. هي نظام کدڙن فقيرن بابت شڪايتن جو هڪ متفقه موقف فراهم ڪندو. وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جي سربراهه سلمان صوفي افتتاحي تقريب کي خطا?? ڪندي چيو ته وزيراعظم اقليتن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقي جي سهولت لاءِ تمام گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ هي قدم کدڙن فقيرن کي سهولت فراهم ڪندو ۽ هراسان ڪرڻ/ تشدد ۽ ٻين مسئل?? جي واقع?? جي امڪانن کي روڪيندو. جيڪڏهن شڪايتن کي مقرر ريوليوشن ٽائيم فريم ۾ حل نه ٿو ڪيو وڃي ته اهو نظام ۾ موجود هڪ فيچر شڪايت کي سڌوسنئون سربراهه، وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز ۽ لاڳاپيل آءِ جي آفيس تائين پهچائي ٿو. هن چيو ته هن سسٽم کي سمورين گهربل خاصيتن سان ليس ڪيو ويو آهي جنهن کي منفرد رجسٽريشن نمبر جي ذريعي اسٽيٽس ٽريڪنگ، اضافي ۽ بندش جي رسيد، ته جيئن تجربي کي صارف دوست بڻائي سگهجي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري افضل لطيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو آئين ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته سمورن شهرين سان برابر سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ??مپ??ينٽ مئنيجمينٽ سسٽم صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي جنهن سان کدڙا فقير برادري ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو. کدڙا فقير برادري جي اهم اڳواڻ ناياب علي خطا?? ڪندي چيو ته هيلپ لائي?? جي قيام تي اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستا?? جي آئين کدڙن فقيرن کي سمورا حق ڏنا آهن. بدقسمتي سان هر ميدان ۾ کدڙن فقيرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روزانو کدڙن فقير?? جي قتل ۽ زيادتي جا واقعا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جڏهن ته اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هو جتي وڃي شڪايتن جو سنجيدگي سان ازالو ٿئي. هن هيلپ لائي?? جي قيام سان اسا?? جي برادري کي هڪ بهترين فورم ميسر آيو آهي جتي اهي بنا هٻڪ جي رابطو ڪري پنهنجي شڪايت?? جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا. هي پنهنجي نوعيت جو واحد پليٽ فارم آهي جنهن سان اسا?? جي برادري کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته هن قدم تي آئون پنهنجي سموري کدڙا فقير برادري پاران وزيراعظم، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري جا ٿورا مڃان ٿي.
وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ پاران انساني حقن واري وزارت جي تعاون سان کدڙن فقيرن جي لاءِ شڪايت داخل ڪرائڻ جو مرڪزي مئنيجمينٽ سسٽم لانچ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری