اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي، سعودي عرب پا??ست??ن جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سي??پڪ??ري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊولپم??نٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي وفد جيڪو پا??ست??ن جي دوري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان حوالي سان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انهي جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سان اڳتي وڌڻو آهي جنهن رفتار سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي سعودي ڊولپم??نٽ فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي سان سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان سموريون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيلم ويلي روڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضروري سامان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي جي حوالي سان سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي سان تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم سعودي وفد کي پا??ست??ن ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سي??پڪ??ري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن تي سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي وفد دلچسپي جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع تي سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي منصوبن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ سموري ضروري ڪارروائي وفد جي پا??ست??ن ۾ موجودگي دوران پوري ڪري هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پرڏيهي معاملن سميت هر محاذ تي پا??ست??ن جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پا??ست??ن کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پا??ست??ن جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پا??ست??ن جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سي??پڪ??ري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي پا??ست??ن جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سان سعودي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ وفد جي قيادت سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سي??پڪ??ري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پا??ست??ن ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ سعودي ڊيولپم??نٽ فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس