شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳا??ها??يندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي ??بدي??ين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي آندي وئي آهي، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي ??انپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جا پاڪستان جي معاشي بحالي جي رفتار تي منفي اثر پيا آهن، عوام جي جان بچائڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي او??ين ترجيح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي ??نصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.
پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔